- Advertisement -
اڳوڻي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏاهري کي چرس هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حيدرآباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ڪيس ٻئي عدالت ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو.
ڪيس ٽرانسفر ٿيڻ بعد ايڊيشنل سيشن جج ٽو جي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسماعيل ڏاهري تي جيل ۾ تشدد ڪيو پيو وڃي، سندس گهر تي حملو ڪري سامان پڻ کڻي ويا آهن، عدالت کي عرض آهي ته ان معاملي جي پاڻ جاچ ڪرائين.
عدالت جيل سپرنٽينڊنٽ کي سڀاڻي ذاتي حيثيت ۾ رپورٽ سميت طلب ڪري ورتو.
اسماعيل ڏاهري جو چوڻ هو ته جيل ۾ کيس سيل وارڊ ۾ رکيو ويو آھي، 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي جو صرف ھڪ لوٽو ڏنو پيو وڃي.- Advertisement -
