- Advertisement -
لاهور ۾ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اڳوڻو وفاقي وزير اسد عمر لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي سندس طبعت خراب ٿي پئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد عمر کي سيني ۾ تڪليف ٿيڻ سبب کيس فوري طور اسپتال نيو ويو.
اسد عمر جي وڪيل چيو ته اڳوڻو وزير عدالت ۾ پيش ٿيو ته سندس طبيعت خراب ٿي پئي، جنهن سبب کيس پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي منتقل ڪيو ويو.
شاهه محمود قريشي جي پٽ زين قريشي اسپتال پهچي اسد عمر جي عيادت ڪئي…………..- Advertisement -
