تازه ترين

اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي جي ڊيفنس واري گهر تي پوليس چڙهائي

- Advertisement -
ڪراچيءَ جي ڊفينس واري علائقي ۾ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي جي رهائشگاهه تي پوليس چڙهائي ڪئي آهي. غلام مرتضيٰ جتوئي جي گهرواري نوين مرتضيٰ جتوئي الزام هڻندي چيو ته مورو، نوشهروفيروز، نوابشاهه ۽ ڪراچي جي پوليس 20 موبائلن ۾ سوار لڳ ڀڳ 20 اهلڪارن چڙهائي ڪئي. هن چيو ته مرد پوليس اهلڪار دروازا ٽوڙي گهر اندر داخل ٿيا، چادر ۽ چوديواريءَ جو تقدس پامال ڪيو ويو. مرتضيٰ جتوئي جي گهرواري الزام هڻندي چيو ته پوليس گهر جي جهڙتي ورتي ۽ الماڙين مان سامان ڪڍي ٻاهر اڇلايو، گهر ۾ رڳو عورتون موجود هيون، پوليس کي ٻڌايو به پر پوليس هڪ به نه ٻڌي. سندس چوڻ هو ته پوليس پاران گهر ۾ موجود ٻارڙن ۽ عورتن سان بداخلاقي ڪئي وئي ۽ هيسايو ويو. غلام مرتضيٰ جتوئي جي گهرواري نوين مرتضيٰ جتوئي چيو ته کين پيپلزپارٽي ۾ شامل نه ٿيڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هيسايو پيو وڃي. هن چيو ته پيپلزپارٽي خلاف سياست ڪرڻ کي ڏوهه بڻايو ويو آهي، سندن گهر تي ڇاپو تمام وڏي رياستي دهشتگردي آهي. مرتضيٰ جتوئي جي گهرواري چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي آهي ته سنڌ ۾ رياستي دهشتگردي جو نوٽيس ورتو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
58 %
3kmh
10 %
ڇنڇر
28 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون