تازه ترين
سنڌ حڪومت پاران ٽيڪس چورن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو پوليس ڏوهن جي خاتمي ۽ عوام کي تحفظ لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهي : آءِ جي سنڌ شڪارپور جي عدالت چرس رکڻ جي ڏوھه ۾ جوابدار کي 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي سگرار مان اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ جوڙيل گڏيل جوائنٽ انويٽيگيشن جو اجلاس نوابشاه... ميان صاحب ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا قتل وزيراعظم شهباز شريف طرفان ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريڊ سسٽم ۾ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو ا... غزه تي پاڪستان ۽ ايران جو موقف ساڳيو آهي، پرڏيهي آفيس پنجاب حڪومت طرفان ايمرجنسي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ حادثن جي صورت ۾ ائير ايمبولينس سروس استعمال ڪرڻ جو فيص... ڪي پي جي وڏي وزير طرفان اسلام آباد تي حملي جي ڌمڪي نهايت سنگين معاملو آهي : خواجا سعد رفيق پاڪستان خطي ۾ سڀ کان اهم شراڪت دارن مان هڪ آهي، آمريڪا جو پاڪستان سان مضبوط رشتو آهي : ويدانت پٽيل

اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي جي ڊيفنس واري گهر تي پوليس چڙهائي

ڪراچيءَ جي ڊفينس واري علائقي ۾ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي جي رهائشگاهه تي پوليس چڙهائي ڪئي آهي.

غلام مرتضيٰ جتوئي جي گهرواري نوين مرتضيٰ جتوئي الزام هڻندي چيو ته مورو، نوشهروفيروز، نوابشاهه ۽ ڪراچي جي پوليس 20 موبائلن ۾ سوار لڳ ڀڳ 20 اهلڪارن چڙهائي ڪئي.

هن چيو ته مرد پوليس اهلڪار دروازا ٽوڙي گهر اندر داخل ٿيا، چادر ۽ چوديواريءَ جو تقدس پامال ڪيو ويو.

مرتضيٰ جتوئي جي گهرواري الزام هڻندي چيو ته پوليس گهر جي جهڙتي ورتي ۽ الماڙين مان سامان ڪڍي ٻاهر اڇلايو، گهر ۾ رڳو عورتون موجود هيون، پوليس کي ٻڌايو به پر پوليس هڪ به نه ٻڌي.

سندس چوڻ هو ته پوليس پاران گهر ۾ موجود ٻارڙن ۽ عورتن سان بداخلاقي ڪئي وئي ۽ هيسايو ويو.

غلام مرتضيٰ جتوئي جي گهرواري نوين مرتضيٰ جتوئي چيو ته کين پيپلزپارٽي ۾ شامل نه ٿيڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هيسايو پيو وڃي.

هن چيو ته پيپلزپارٽي خلاف سياست ڪرڻ کي ڏوهه بڻايو ويو آهي، سندن گهر تي ڇاپو تمام وڏي رياستي دهشتگردي آهي.

مرتضيٰ جتوئي جي گهرواري چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي آهي ته سنڌ ۾ رياستي دهشتگردي جو نوٽيس ورتو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
18 ° C
18 °
18 °
39 %
3.9kmh
29 %
ڇنڇر
21 °
آچر
22 °
سُومر
20 °
اڱارو
21 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون