تازه ترين

اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر عمران نذير پاڪستاني ٽيم کي بزدل قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر عمران نذير ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ آمريڪا ۽ ڀارت هٿان هارائڻ واري پاڪستاني ٽيم کي بزدل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پاڪستاني ٽيم جي مسلسل خراب ڪارڪردگيءَ تي جتي ڪرڪيٽ جا مداح مايوس آهن، اتي اڳوڻا ڪرڪيٽر به رانديگرن کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي ڪرڪيٽر عمران نذير چيو ته ڀارت خلاف ميچ ۾ 120 رنسن جو هدف مليو ان تي به ٽيم جون ٽنگون ڏڪي پيون. اڳوڻي ڪرڪيٽر قومي ٽيم جي رانديگرن کي بزدل قرار ڏيندي چيو ته ڪرڪيٽ حوصلي سان کيڏي ويندي آهي، اهڙي طرح کيڏڻ سان کٽي نه ٿي سگهجي، اسان وٽ مهارت ناهي. هن چيو ته اسان سڀئي مختلف پروگرامن ۾ ويهي ٽيم جي غلطين جي نشاندهي ڪري رهيا آهيون پر سوال اهو آهي ته انهن تي ڪم ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ اڃا به 4 ڏينهن ماتم ڪنداسين جنهن کانپوءِ به معمول ٿي اچي وينداسين..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
34 %
1.6kmh
1 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
37 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون