تازه ترين

بابر اعظم جي ڪپتاني خطري ۾، قومي ٽيم ۾ وڏي تبديلي ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
ڀارت کان هارائڻ کانپوءِ بابر اعظم جي ڪپتاني خطري ۾ پئجي وئي آهي، وهاب رياض جو بچڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي، ان حوالي سان چيو وڃي ٿو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ قومي ٽيم ۾ وڏي تبديلي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. قومي سليڪشن ڪميٽي آپريشن ڪلين اپ ۾ ڪجهه رانديگرن کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۽ ان کان اڳ واري سيريز ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي گهر موڪليندي. چيو وڃي ٿو ته اڳوڻي ٽيسٽ فاسٽ بالر وهاب رياض کي به پنهنجي جاءِ تي برقرار رکڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي. نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي به چئي چڪو آهي ته قومي ٽيم کي ننڍي سرجري جي نه پر وڏي سرجري جي ضرورت آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪپتان بابر اعظم، هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن، سينيئر مئنيجر وهاب رياض ۽ اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود جون رپورٽن جي بنياد تي تبديليون ڪيون وينديون ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر محمد حفيظ جي رپورٽ جو به جائزو ورتو ويندو. ان کان اڳ محمد حفيظ الزام هڻي چڪو آهي ته قومي ٽيم جي رانديگرن گروپنگ ۽ ڪارڪردگي بدران پئسي کي اهميت ڏني آهي. آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دورن کان پوءِ محمد حفيظ جي رپورٽ اهميت اختيار ڪري وئي آهي، ورلڊ ڪپ کانپوءِ اعظم خان، افتخار احمد، عثمان خان، محمد عامر ۽ عماد وسيم لاءِ ٽيم ۾ جڳهه برقرار رکڻ ڏکي ٿي پئي آهي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
34 %
1.6kmh
1 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
37 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون