- Advertisement -
اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ايندڙ مرحلي جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 12 آگسٽ 2024ع تي رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ايندڙ مرحلي ۾ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي باضابطه طور چارج شيٽ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فيض حميد تي چارجز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هئڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي رياسٽ جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، اختيارن، سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ جنرل مارشل جي عمل دوران ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ بدامني سان لاڳاپيل تشدد جي واقعن ۾ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جي ملوث هئڻ بابت ڌار جاچ به ڪئي پئي وڃي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فيض حميد تي تشدد ۽ بدامني جي ڪيترن ئي واقعن ۾ 9 مئي سان لاڳاپيل واقعا به جاچ ۾ شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، فيض حميد تي تشدد جي واقعن ۾ ڪريل سياسي عنصرن جو چوڻ ۽ ڳٺ جوڙ به جاچ ۾ شامل آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فيلڊ جنرل مارشل جي عمل دوران رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي قانون موجب سمورا قانوني حق فراهم ڪيا پيا وڃن- Advertisement -
