- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف وارن اڃا تائين نه ٻڌايو آهي ته ڊي چوڪ ڇڏي ڇو ڀڄي ويا، ميدان ڇڏي ڀڄندڙ هاڻي صحافين جي پويان پئجي ويا آهن، پي ٽي آءِ باني نفرت جو ٻج پوکيو جيڪو لڻي رهيو آهي، تحريڪ انصاف ملڪ ۽ فوج خلاف ايجنڊا تي هلي رهي آهي، ڏڦيڙ پکڙيندڙ ڪنهن به شخص کي بخش نه ڪيو ويندو، مولانا فضل الرحمان سڀني لاءِ احترام جوڳو آهي، مدرسن جي رجسٽريشن بابت سڀني لاءِ قبولڻ جوڳو حل ڪڍيو ويندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف ورهاست ۽ اختلافن جو شڪار آهي، خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن چيو ته سول نافرماني جي ڪال درست ناهي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف وارن اڃا تائين نه ٻڌايو آهي ته ڊي چوڪ ڇڏي ڇو ڀڄي ويا، ميدان ڇڏي ڀڄندڙ هاڻي صحافين جي پويان پئجي ويا آهن، هن ڪريل مهم جو مقصد قلم ڌڻين کي هيسائڻ آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف باني نفرت جو ٻج پوکيو جيڪو لڻي رهيو آهي، پي ٽي آءِ پاڪستان ۽ فوج خلاف ايجنڊا تي هلي رهي آهي، ڏڦيڙ پکڙيندڙ ڪنهن به شخص کي بخش نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته تحريڪ انصاف چاهي ٿي ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿئي ۽ ٻيا ملڪ ان جو فائدو حاصل ڪن، سومر ڏهاڙي جن عالمن سان هو ويٺا اهي 18 هزار مدرسن جي نمائندگي ڪري رهيا هئا.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سڀني لاءِ احترام جوڳو آهي، مدرسن جي رجسٽريشن بابت سڀني لاءِ قبولڻ جوڳو حل ڪڍيو ويندو……………..- Advertisement -
