- Advertisement -
اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد شوڪت عزيز ڪيس ۾ جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.
اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جواب ۾ چيو ته شوڪت عزيز صديقي جا سمورا الزام بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن.
جواب ۾ چيو ته شوڪت عزيز صديقي سان ڪڏهن به رابطو نه ڪيو نه ئي ساڻس ملاقات ۽ نواز شريف جي اپيلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو ته شوڪت عزيز صديقي پنهنجي تقرير ۽ جڊيشل ڪونسل جي سامهون ڪنهن مبينا ملاقات جو ذڪر نه ڪيو.
فيض حميد موجب هن ڪڏهن به اهو نه چيو ته سندس ٻن سالن جي محنت ضايع ٿي ويندي، شوڪست عزيز صديقي جا سمورا الزام بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن.
اڳوڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ انور ڪانسي به جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي شوڪت عزيز صديقي جي الزام رد ڪري ڇڏيو.
برگيڊيئر رٽائرڊ عرفان رامي جو جوب به سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو جنهن ۾ شوڪت عزيز صديقي جي الزامن ۽ ان سان ملاقات جي ترديد ڪئي وئي.- Advertisement -
