- Advertisement -
اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ن ليگ هميشه ڊيل تحت اقتدار ۾ آئي آهي، هاڻي عوام هڪ نئين سوچ طرف وڃڻ چاهي ٿو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري نئين سوچ جو نعرو ڏنو آهي، پ پ چيئرمين جو نعرو آهي ته سندن مقابلو سياستدانن سان نه پر مهانگائي ۽ بيروزگاري سان آهي.
هن چيو ته ڏکين حالتن ۾ به پيپلزپارٽي ڪڏهن ادارن تي حملو ناهي ڪيو، ن ليگ کي جڏهن به تڪليف پهچي ٿي ادارن کي نشانو بڻائي ٿي، نواز ليگ وارن مخالفن ۽ ادارن خلاف ڪِريل مهم هلائي.
سندس چوڻ هوته پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ملڪ لاءِ زندگيون قربان ڪيون پر پاڪستان کي نقصان پهچڻ نه ڏنو، ملڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته لاهور ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي بعد ن ليگ وارا وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن، هو ڪڏهن به ن ليگ جي قيادت وانگر ٺاهه ڪري ملڪ مان ناهن ڀڳا، نواز ليگ جي معاشي پاليسين تي دنيا نتقيد ڪئي.
پ پ اڳواڻ چيو ته پيپلزپارٽي ن ليگ سان جهيڙو شروع ناهي ڪيو، هنن پاڻ سنڌ ۾ پ پ پ خلاف اتحاد ٺاهيو، شهباز شريف جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي، جن جي ليگ ۾ هلي ٿي اهي شهباز شريف کي پسند ناهن ڪندا.
سندس چوڻ هوته پنجاب، ڪي پي يا بلوچستان ۾ ڪا هڪ اسپتال ٻڌايو جيڪا اوهان ٺاهي هجي، نواز شريف ۽ شهباز وزيراعظم هوندي ڪهڙو ڪم ڪيو؟، ن ليگ هميشه چور دروازي مان اقتدار ۾ آئي آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ڊي ايم آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ٺاهي هئي، پي ٽي آءِ جو حڪومتي دور ملڪي تاريخ جو بدترين دور هو، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي آئيني طريقي سان گهرڀيڙو ڪيو ويو- Advertisement -
