- Advertisement -
اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل 12 آگسٽ 2024ع تي شروع ٿيو جيڪو لڳ ڀڳ 15 مهينن تائين جاري رهيو.
آءِ ايس پي آر موجب، جوابدار تي چار سنگين الزام لڳايا ويا، جن ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هئڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جيڪا رياست جي سلامتي ۽ مفاد جي ابتڙ هئي، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ۽ ماڻهن کي نقصان پهچائڻ شامل آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڊگهي ۽ تفصيلي قانوني ڪارروائي کانپوءِ عدالت سمورا الزام ثابت ٿيڻ تي فيض حميد کي 14 سال جي سخت قيد جي سزا ٻڌائي جنهن جو باضابطه اعلان 11 ڊسمبر 2025ع تي ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، ٽرائل دوران سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن ۽ جوابدار کي پنهنجي مرضي جي دفاعي ٽيم جو حق به فراهم ڪيو ويو، سزا يافته فرد لاڳاپيل فورم تي اپيل جو حق رکي ٿو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سياسي عنصرن سان گڏجي مبينا طور ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ بابت معاملا الڳ اڪلايا پيا وڃن.
واضح رهي ته اڳوڻو ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڊي جي آءِ ايس آر جي عهدي تي مقرر رهيو ۽ هو ڪور ڪمانڊر پشاور به رهي چڪو آهي.
اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي 12 آگسٽ 2024ع تي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٽاپ سٽي جي ڪورٽ آف انڪوائري شروع ڪرڻ کانپوءِ حراست ۾ ورتو ويو هو.
- Advertisement -
