- Advertisement -
مسلم ليگ نون اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته اڳوڻي ڪمشنر جي الزامن جي حقيقت سامهون اچي چڪي آهي، اليڪشن ڪميشن معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، چونڊ عمل ۾ ڪمشنر جو ڪوبه ڪردار ناهي هوندو، اليڪشن ۾ رڳو آر اوز ۽ ڊي آر اوز کي اختيار ڏنا ويندا آهن.
سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته هو سياسي استحڪام لاءِ مخالف ۾ ويهڻ لاءِ تيار آهن، پيپلز پارٽي سان وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ تي غور جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪالهه شام وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڳڀرائي ٿي آهي، مسلم ليگ ن پنجاب ۾ سادي اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي.
مسلم ليگ نون اڳواڻ خواجا آصف چيو ته سياسي اڳواڻ ماضي جي بيانن کان پاسو ڪري رهيا آهن، اقتدار لاءِ جيڪي فيصلا ڪيا پيا وڃن ان سان عوام مايوس ٿيندو.
هن چيو ته پيپلزپارٽي سان سندن ورڪنگ پارٽنرشپ رهي آهي، سياستدانن کي ذات کان هٽي ڪري عوام جي وسيع مفاد لاءِ فيصلو ڪرڻو پوندو.
مسلم ليگ نون اڳواڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان سان وڇوٽيون ناهن ٿيون، مولانا خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ سان سهڪار جو سلسلو شروع ڪيو آهي.
خواجا آصف چيو ته جن تي ڌانڌلي جو الزام آهن، انهن سان اتحاد ۽ احتجاج سندس سمجهه کان ٻاهر آهي، سياسي استحڪام اچڻ تائين معاشي استحڪام جو خواب پورو نه ٿيندو.
مسلم ليگ نون اڳواڻ خواجه آصف چيو ته اليڪشن جي عمل ۾ ڪمشنر جو ڪو به ڪردار ناهي هوندو، ڪمشنر جيڪو ڪجهه چيو ان جي سچائي شام تائين سڀني جي سامهون هئي، ٻن چئن ڪلاڪن کانپوءِ ئي سندس مقصد سامهون اچي ويا هئا.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪمشنر واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪميٽي جوڙي آهي، ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ اچي ويندي ته ان بابت ڳالهائڻ نا مناسب هوندو.
مسلم ليگ نون اڳواڻ چيو ته اليڪشن جي عمل جو سمورو ڪنٽرول ضلعي ريٽرننگ آفيسر ۽ رٽرننگ آفيسر وٽ هوندو آهي، ڪمشنر جو اڻ سڌي طرح تعلق ٿي سگهي ٿو پر سڌي ريت اليڪشن جي عمل ۾ ڪوبه تعلق ناهي.
خواجا آصف چيو ته ڪمشنر راولپنڊي جو بيڪ گرائونڊ به سامهون اچي ويو آهي، لياقت چٺا کي 9 ڏينهن کانپوءِ ڇو ياد آئي ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي.- Advertisement -
