- Advertisement -
ڪوٽ غلام محمد ۾ شادي شده ناري جو مبينا طور ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي.
ڳوٺ حاجي غني خاصخيلي ۾ گھر جي ڪمري مان 30 ورهين جي امير بانو خاصخيلي جو مبينا طور ڦاھو کاڌل لاش مليو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس موجب، مقتول ناري جي والده فاطمه خاصخيلي پوليس کي ٻڌايو ته سندس نياڻي جي ڪنھن سان دشمني نه ھئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي وئي وڃي
- Advertisement -
