تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي تي آءِ ايم ايف جي راضي نه ٿيڻ بابت خدشا ختم ٿي ويا آهن:وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي تي آءِ ايم ايف جي راضي نه ٿيڻ بابت خدشا ختم ٿي ويا آهن، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي چيو ته بجلي جي اگهن بابت منصوبو پيش ڪيو ته غور ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي پاڪستاني قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو بهترين دوست ۽ بااعتماد ساٿي آهي، سعودي عرب جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته دبئي سمٽ ۾ فلسطين بابت پنهنجو موقف ڀرپور انداز ۾ دنيا اڳيان پيش ڪيو، 50 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، فلسطين ۾ نسل ڪشي رڪجڻ گهرجي، اميد آهي ته فلسطين ۾ امن قائم ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترڪيه جو صدر پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي، سندس دور انتهائي اهميت جوڳو آهي، رجب طيب اردگان اسلامڪ دنيا جو بهترين ليڊر آهي، سندس دوري دوران ٻه طرفي لاڳاپن ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ سان لاڳاپيل معاهدن تي صحيحون ٿينديون. هن چيو ته لبيا ٻيڙي حادثي تي افسوس آهي، حادثي ۾ ڪجهه پاڪستانين جون جانيون ويون آهن، انساني سمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، ڪاري ڪاروبار جو هميشه لاءِ خاتمو ٿيڻ ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي تي آءِ ايم ايف جي راضي نه ٿيڻ بابت خدشا ختم ٿي ويا آهن، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي چيو ته بجلي جي اگهن بابت منصوبو پيش ڪيو ته غور ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي پاڪستاني قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي. شهباز شريف چيو ته معاشي استحڪام ڏينهن رات ڪوششن جو نتيجو آهي، پاڪستان جلد پنهنجي پيرن تي بيهندو ۽ ڪرپشن ختم ٿيندي، معاشي ترقي لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي، سيڙپڪارن هاڪاري تجويزون ڏنيون آهن، ڪاروبار ۾ بهتري جي تجويزن تي عمل ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون