تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بجلي جي بلن ۾ ڳري اضافي ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف واپاري مسلسل سراپا احتجاج ،شٽربند هڙتال

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

بجلي جي بلن ۾ ڳري اضافي ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف واپاري مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهن جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپارين جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي.

سکر ۾ بجلي جي بلن ۾ ڳري اضافي ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي.

انجمن تاجران ۽ سمال ٽريڊرس اڳواڻن جي سڏ تي شاهي بازار، صرافا بازار، مشن روڊ، شهيد گنج ۽ گهنٽا گهر سميت ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا.

ميرپورخاص ۾ واپارين جي سڏ تي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ ڳري اضافي خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي.

مارڪيٽ چوڪ، بلديا مارڪيٽ، کسڪ پورا، شاھي بازار، پوسٽ آفيس چوڪ، اليڪٽرانڪ مارڪيٽ، صرافا بازار، سبزي منڊي، جرواري چوڪ ۽ چاندني چوڪ  سميت ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل بند رهيا جڏھن ته پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشنن بند هئڻ سبب روڊن تي ٽريفڪ معمول کان گهٽ رهي.

ٽنڊي الهيار ۾ واپارين جي سڏ تي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بجلي جي ڳرن بلن خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي.

شهر ۾ شٽربند هڙتال سبب مک بازار، چوڙي بازار ۽ اسٽيشن روڊ سميت ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا.

نصرپور ۾ واپارين جي سڏ تي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ ڳري اضافي خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي.

شهر ۾ هڙتال سبب سمورا ڪاروبار مرڪز مڪمل طور بند رهيا.

 اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي.

هنن چيو ته پيٽروليم شين ۽ بجلي جا اگهه وڌڻ سبب ڪاروبار تباهه ٿي رهيو آهي.

سندن چوڻ هو ته حڪمران پنهنجي عياشين خاطر عوام جو رت چوسي رهيا آهن، پر هاڻي عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي.

واپاري اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ضابطو آڻي بجلي ۽ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽائي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
40 %
0.5kmh
87 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون