توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي چيو آهي ته بجلي جي چوري ختم ٿيڻ ۽ بل ادا ڪرن تائين عوام کي سستي بجلي نه ملندي.
سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي وزير محمد علي چيو ته اسلام آباد، لاهور، گجرانوالا،فيصل آباد ۽ ملتان ڊسڪوز ۾ 79 ارب يونٽ بجلي جو نقصان ٿيندو آهي، رڳو انهن پنجن ڊسڪوز جو نقصان سئو ارب آهي.
هن چيو ته پشاور، حيدرآباد، ڪوئيٽا، سکر، قبائلي علائقن ۽ آزاد ڪشمير ڊسڪوز ۾ 489 ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو.
نگران وفاقي وزير چيو ته هر علائقي ۾ ڌار ڌار سطح تي بجلي چوري ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ 589 ارب رپين جي بچلي چوري ٿي رهي آهي يا بل ادا نه پيا ڪيا وڃن، کين چوري کي روڪڻو پوندو.
محمد علي چيو ته بجلي جي چوري يا بل ادا نه ڪرڻ سبب ٻين واهپيدارن تي بار پوي ٿو، بجلي چوري جي خاتمي ۽ بل ادا ڪرڻ تائين سستي بجلي نه ملي سگهندي.
توانائي واري نگران وزير چيو ته وزيراعظم بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون جي هدايت ڪئي آهي، جيڪي بل ادا نه ٿا ڪن اهن کان رڪوري ڪئي ويندي
