تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بجلي جي چوري ختم ٿيڻ ۽ بل ادا ڪرن تائين عوام کي سستي بجلي نه ملندي: توانائي وزير

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي چيو آهي ته بجلي جي چوري ختم ٿيڻ ۽ بل ادا ڪرن تائين عوام کي سستي بجلي نه ملندي.

سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي وزير محمد علي چيو ته اسلام آباد، لاهور، گجرانوالا،فيصل آباد ۽ ملتان ڊسڪوز  ۾ 79 ارب يونٽ بجلي جو نقصان ٿيندو آهي، رڳو انهن پنجن ڊسڪوز جو نقصان سئو ارب آهي.

هن چيو ته پشاور، حيدرآباد، ڪوئيٽا، سکر، قبائلي علائقن ۽ آزاد ڪشمير ڊسڪوز ۾ 489 ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو.

نگران وفاقي وزير چيو ته هر علائقي ۾ ڌار ڌار سطح تي بجلي چوري ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ 589 ارب رپين جي بچلي چوري ٿي رهي آهي يا بل ادا نه پيا ڪيا وڃن، کين چوري کي روڪڻو پوندو.

محمد علي چيو ته بجلي جي چوري يا بل ادا نه ڪرڻ سبب ٻين واهپيدارن تي بار پوي ٿو، بجلي چوري جي خاتمي ۽ بل ادا ڪرڻ تائين سستي بجلي نه ملي سگهندي.

توانائي واري نگران وزير چيو ته وزيراعظم بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون جي هدايت ڪئي آهي، جيڪي بل ادا نه ٿا ڪن اهن کان رڪوري ڪئي ويندي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
28 %
2kmh
21 %
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون