برسات سبب ٺهندڙ اولهندي هوائون اڄ  رات بلوچستان ۾ داخل ٿينديون,2 کان 4 جنوري تائين برسات ۽ برفباري جو امڪان

- Advertisement -
برسات سبب ٺهندڙ اولهندي هوائون اڄ  رات بلوچستان ۾ داخل ٿينديون، جنهن سبب صوبي جي 18  ضلعن ۾ 2 کان 4 جنوري تائين برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب برسات سبب ٺهندڙ اولهندي هوائون اڄ رات کان ملڪ جي اولهندي علائقن ۾ داخل ٿينديون، جيڪي 6 جنوري تائين ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ موجود رهنديون. هوائن سبب پهرين جنوري کان 4 جنوري دوران بوچستان جي ضلعن ڪوئيٽا، زيارت، چمن، پشين، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله ۾ وقفي وقفي سان تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. جڏهن ته چاغي، نوشڪي، قلات، خضدار، هرنائي، زوب ۽ موسيٰ خيل ۾ به وقفي وقفي سان تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جي اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پي ڊي ايم اي صوبي جي 18 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي الرٽ جاري ڪندي هر قسم جي صورتحال لاءِ تيار رهڻ جي هدايت  ڪري ڇڏي. پي ڊي ايم اي سياحن کي 2 کان 4 جنوري تائين صوبي جي جابلو علائقن ۾ سفر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
17%
1.5m/s
0%
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون