بلاول ڀٽو زرداري تهذيب ۾ رهي ڪري ڪارڪردگي جي ڳالهه ڪري: مريم اورنگزيب

- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيپلز پارٽي پي ڊي ايم حڪومت جي فيصلن ۾ برابر جي شريڪ آهي، بلاول ڀٽو زرداري تهذيب ۾ رهي ڪارڪردگي بابت ڳالهائي، اهڙي ڪهڙي ترقي آهي جيڪا بلاول سنڌ کان پنجاب کڻي آيو آهي، سياست ۾ ڳالهائڻ سڀني کي ايندو آهي، عوام پنهنجي مسئلن بابت ڳالهه ٻڌڻ چاهي ٿو، سنڌ جو به حق آهي ته اتي پنجاب جهڙيون سهولتون هجن، تحريڪ انصاف جي باني گارگند جي ڪلچر کي هٿي وٺرائي. لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته بلاول ڀٽو زرداري تهذيب ۾ رهي ڪارڪردگي بابت ڳالهائي، ڪير به اوهان جي ذاتيات جي سياست نٿو چاهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان 1990ع جي ڏهاڪي ۾ هن گارگند جي سياست کي دفن ڪري چڪو هو، تحريڪ انصاف جي باني گارگند جي ڪلچر کي هٿي وٺرائي. مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مريم اورنگزيب پ پ چيئرمين تي تنقيد ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري نئون نئون پنجاب ۾ آيو آهي شايد هن پي ڪي ايل آءِ، دانش اسڪول ۽ ٻيا منصوبا ناهن ڏٺا، سنڌ جو به حق آهي ته اتي پنجاب جهڙيون سهولتون هجن. هن چيو ته پيپلز پارٽي پي ڊي ايم حڪومت جي فيصلن ۾ برابر جي شريڪ آهي، بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهه ٻولهه تهذيب ۾ رهندي ته نواز شريف جنهن ڪلچر کي آڻڻ چاهي ٿو اهو قائم ٿيندو. مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو ته ن ليگ جون انهن پارٽين سان مقابلو آهي جيڪي پنهنجو چونڊ نشان وٺي چڪيون آهن، جيڪي جلسا ڪري رهيا آهن انهن سمورين پارٽين سان سندن مقابلو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري سان مقابلو آهي، ن ليگ معيشيت کي سنڀاليو آهي، روزگار ڏيڻو آهي، رليف ڏيڻ جو پلان ترتيب ڪري ورتو آهي اهو جلد عوام سامهون آندو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.2 ° C
21.2 °
21.2 °
53%
1.4m/s
0%
آچر
21 °
سُومر
28 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون