تازه ترين

بلديه فيڪٽري سانحو ڪيس: روپوش جوابدار حماد صديقي جي گرفتار نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ بلديا سانحي ڪيس ۾ پرڏيهه فرار ٿيل جوابدارن جي حوالگي بابت ڪيس ۾ روپوش جوابدار حماد صديقي جي عدم گرفتاري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ هائيڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا بلديا سانحي ڪيس ۾ پرڏيهه فرار ٿيل جوابدارن جي حوالگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ڊپٽي پروٽوڪول آفيسر ۽ سرڪاري پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت روپوش جوابدار حماد صديقي جي عدم گرفتاري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جوابدار حماد صديقي کي گرفتار ڪري ڇو ڏيهه واپس ناهي آندو ويو، اهڙي شخص جي ڪير پٺڀرائي ڪري رهيو آهي جنهن جي مٿان سنگين الزام آهن. عدالت چيو ته جوابدار حماد صديقي جي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، هن وقت تائين ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟، اها گهرو وزارت جي نااهلي آهي، روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري واپس ڏيهه آندو وڃي. عدالت اسٽيٽ لائف آفيسر امجد شاهه جي قتل ۾ روپوش جوابدار تقي شاهه جي عدم گرفتاري ۽ پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث روپوش جوابدار خرم نثار کي ڏيهه نه آڻڻ تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت روپوش جوابدار حماد صديقي، تقي حيدر ۽ خرم نثار جي عدم گرفتاري تي پرڏيهي ۽ گهرو وزارت کان رپورٽ طلب ڪندي ايڊيشنل اٽارني جنرل کي به 17 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
23 %
3kmh
9 %
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون