تازه ترين

سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ ميڊيڪل سٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ ميڊيڪل سٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي کان سکر تائين بلٽ ٽرين هلائڻ جو منصوبو تيار آهي، سڀ کان وڌيڪ پرڏيهي سيڙپڪاري سنڌ ۾ ٿي آهي، ڪراچي ۾ ميڊيڪل سٽي قائم ڪيو ويندو، ٿر جي ڪوئلي مان سڀ کان وڌيڪ سستي بجلي پيدا ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ باني پرڏيهي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ ميڊيڪل سٽي ٺاهڻ وڃي رهيا آهن، صحت سان لاڳاپيل شيون هتي تيار ٿينديون، سنڌ حڪومت جي ڪوشش هوندي آهي ته ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ڏئي. سندس چوڻ هو ته ڌاٻيجي اڪنامڪ زون ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، ماڻهن کي روزگار جا نوان موقعا ملندا، ملڪ خلاف ڪو ڪيتريون به سازشون ڪري، سيڙپڪارن جو حڪومت تي اعتماد آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن زراعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي، حڪومت جي ترجيح ۾ صوبي اندر سيڙپڪاري وڌائڻ آهي، هن وقت به پرڏيهي وفد صوبي ۾ موجود آهي، وفد سان ملاقاتن ۾ زرعي، صحت ۽ انرجي سيڪٽر ۾ ڪم ڪرڻ بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته صحت جي شعبي لاءِ هيلٿ سٽي ٺاهي رهيا آهن، صحت جي شعبي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، پرڏيهي وفد زرعي شعبي ۾ به گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سندن سياست جو مقصد عوامي خدمت آهي، هر ماڻهو سوچيندو آهي ته حڪومت سندن لاءِ ڇا ڪري رهي آهي، سيڙپڪاري سان صوبي جي ماڻهن کي فائدو پهچندو، هن وقت توانائي جي سيڪٽر ۾ گهڻو ڪم ڪري سگهجي ٿو، ماضي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوئلو ٿر مان هنن ڪڍيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پرڏيهي وفد ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ به سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي، ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ ڪراچي سرڪولر ريلوي سندن ترجيح ۾ شامل آهي، ڪوشش آهي ته ڪراچي کان سکر تائين بلٽ ٽرين هلي، چاهن ٿا ته سڄي دنيا سيڙپڪاري ڪري. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ماڻهن کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ پ پ چيئرمين جو ويزن آهي، معاشري ۾ هر مسئلو اهم آهي، سڀني کي گڏجي مسئلا حل ڪرڻا آهن، تحريڪ انصاف باني جيڪو به ڪم ڪيو آهي، ان سان ملڪ کي نقصان پهتو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني جو هر فيصلو ڪنهن جي نوٽيس ۾ آهي، تحريڪ انصاف جا سمورا فيصلا سول نافرماني ۾ شامل ٿيندا آهن، پي ٽي آءِ جي احتجاج ۽ ڌرڻن سان حڪومت کي نقصان ٿيندو آهي، نقصان تي لڳندڙ پيسا عوام جي بحالي تي به لڳي سگهن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
23 %
3kmh
9 %
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون