- Advertisement -
بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ ڪوئلي جي کاڻ مان 8 پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا، چيف مائنز انسپيڪٽر جو چوڻ آهي ته ريسڪيو آپريشن دوران 8 پورهيتن کي زنده ڪڍيو ويو آهي، ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڦاٿل ٻن پورهيتن کي ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهن.
هرنائي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گيس ڀرجڻ سبب ڌماڪو ٿي پيو.
ڌماڪي جي نتيجي ۾ 10 پورهيت ڪوئلي جي کاڻ اندر ڦاسي پيا.
چيف مائنز انسپيڪٽر جو چوڻ آهي ته ريسڪيو آپريشن دوران 8 پورهيتن کي زنده ڪڍيو ويو آهي.
چيف مائنز انسپيڪٽر موجب، ڪوئلي جي کاڻ مان 8 پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، ڦاٿل ٻن پورهيتن کي ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهن.- Advertisement -
