- Advertisement -
بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ پوليس لائن ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا مارجي ويا ۽ پنجن اهلڪارن سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس لائن ويجهو ڪملا چوڪ وٽ ڌماڪو ٿيو، جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو.
پوليس موجب، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا مارجي ويا جڏهن ته پنجن اهلڪارن سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ گاڏي مڪمل تباهه ٿي وئي جڏهن ته ڪجهه گاڏين کي نقصان پهتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي ۽ ڌماڪي جي نوعيت معلوم ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
