بلوچستان جي علائقي اوستا محمد ۾ هٿياربندن جي گهر تي حملي ۾ زال ۽ مڙس قتل

spot_img
بلوچستان جي علائقي اوستا محمد ۾ هٿياربندن جي گهر تي حملي ۾ زال ۽ مڙس قتل ٿي ويا جڏهن ته 3 ٻارڙا زخمي ٿي پيا. اوستا محمد جي علائقي گندا واھھ ۾ هٿياربندن پراڻي دشمنيءَ تان گهر تي حملو ڪري ننڊ ستل خاندان مٿان فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ عبدالڪريم لاشاري ۽ سندس گهر واري شاهره قتل ٿي ويا جڏهن ته 3 ٻارڙا 12 سالن جو سلمان، 10 سالن جو فرمان ۽ لاشار خان زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ بعد پوليس  واقعي واري ھنڌ پھچي  زال مڙس جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي گندواهه اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙھھ وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته گهر تي حملو پراڻي دشمني جو نتيجو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.2 ° C
10.2 °
10.2 °
26%
0.8m/s
0%
خميس
10 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون