- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي دڪي ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته دڪي ۾ شٽربند هڙتال ۽ مارجي ويل پورهيتن جا لاش ڪوئيٽا جي باچاخان چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
رات دير سان دڪي جي ضلعي چيئرمين حاجي خير الله جي ڪوئلي جي کاڻن تي هٿياربندن راڪيٽ ۽ دستي بمن سان حملو ڪري فائرنگ ڪئي.
حملي ۾ عبدالمالڪ، مولا داد، سيد الله، جلال خان، فضل، روزي خان، نصيب الله، سميع الله، عبدالله، ملنگ، حمد الله، عبدالولي ۽ حيات الله سميت 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا.
مارجي ويلن جو تعلق پشين، قلعه سيف الله، زوب، مسلم باغ، موسيٰ خيل، ڪچلاڪ ۽ افغانستان سان آهي.
اطلاع ملڻ بعد پوليس، ايف سي ۽ ٻين واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو.
ڪوئلي کاڻ جي مالڪ حاجي خير الله جو چوڻ آهي ته هٿياربندن ڪوئلي جي کاڻن جي ڏهن مشينن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي.
پورهيتن جي مارجڻ واري واقعي خلاف دڪي ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي.
وارثن ۽ شهرين پاران مارجي ويل پورهيتن جا لاش ڪوئيٽا جي باچاخان چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.- Advertisement -
