- Advertisement -
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي دڪي ۾ پورهيتن جي قتل واقعي تي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر غريب پورهيتن کي نشانو بڻائي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي، پورهيتن کي آسان هدف سمجهي نشانو بڻايو ويندو آهي، هي دهشتگرد بزدل آهن، دهشتگردن جي ايجنڊا پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ آهي، کين انجام تائين پهچايو ويندو، هڪ هڪ بيگناهه جي قتل جو حساب وٺندا، پورهيتن جو رت رائيگان نه ويندو.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي دڪي ۾ پورهيتن جي قتل واقعي تي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر غريب پورهيتن کي نشانو بڻائي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي.
هن چيو ته پورهيتن کي آسان هدف سمجهي نشانو بڻايو ويندو آهي، هي دهشتگرد بزدل آهن.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته دهشتگردن جي ايجنڊا پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ آهي، کين انجام تائين پهچايو ويندو، هڪ هڪ بيگناهه جي قتل جو حساب وٺندا، پورهيتن جو رت رائيگان نه ويندو.- Advertisement -
