- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي قلعه سيف الله ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب قلعه سيف الله ضلعي ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب آپريشن دوران پشين ۽ قلعه سيف الله ڌماڪن جو ماسٽر مائنڊ عبدالشڪور عرف نعمان مارجي ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هو.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد بلوچستان ۾ آپگهاتي ڌماڪن جي منصوبابندي ڪري رهيو هو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز بلوچستان جو امن ۽ استحڪام تباهه ڪرڻ جي سازش ناڪام بڻائي ڇڏيندي.- Advertisement -
