تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بلوچستان جي وڏي وزير صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ جي ايڊوائيس تي صحي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ جي ايڊوائيس تي صحي ڪري ڇڏي، وڏي وزير طرفان صحي ڪرڻ بعد ايڊوائيس اڄ منظوري لاءِ گورنر بلوچستان کي اماڻي ويندي.

بلوچستان اسيمبلي اڄ ٽوڙي ويندي، اسيمبلي جو مدو رات ٻارهين وڳي پورو ٿيندو.

بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ جي ايڊوائيس تي صحي ڪري ڇڏي.

وڏي وزير طرفان صحي ڪرڻ بعد ايڊوائيس اڄ منظوري لاءِ گورنر بلوچستان کي اماڻي ويندي.

بلوچستان ۾ نگران وڏي وزير جو نالو فائنل نه ٿي سگھيو آهي.

اسلام آباد ۾ نگران وڏي وزير لاءِ سردار اختر مينگل ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات جو هڪ رائونڊ مڪمل ٿي ويو، مخالف ڌر جي پارٽين جي يو آءِ ۽ بي اين پي مينگل پنهنجن اميدوارن جا نالا پيش ڪري ڇڏيا.

وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو به اسلام آباد ۾ موجود آهي، نگران وڏي وزير لاءِ رابطن ۾ تيزي اچي وئي آهي.

ذريعن موجب مخالف ڌر متفقه اميدوار آڻڻ تي راضي ٿي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت نگران وڏي وزير لاءِ جعميت علماءَ اسلام ف طرفان اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر عثمان باديني، بي اين پي پاران صوبائي اسيمبلي ميمبر حمل ڪلمتي ۽ پ پ طرفان علي حسن زهري جا نالا ڏنا ويا آهن.

ذريعن موجب، اڳوڻي بيورو ڪريٽ شبير مينگل جو نالو به غور هيٺ آهي، نگران وڏي وزير جو نالو فائنل ٿيڻ بعد 14 رڪني صوبائي ڪابينا جوڙي ويندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
12 %
4.7kmh
24 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون