بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٻن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ 13 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٻن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ 13 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز طرفان بلوچستان جي ٻن علائقن ۾ ٻه ڌار ڌار آپريشن ڪيا ويا. آپريشن دوران تيرهن ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو، سندس تعلق ڀارتي پراڪسي تنظيمن فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان سان هو. آءِ ايس پي آر موجب پهرين ڪارروائي ڪوئيٽا ۾ 30 سيپٽمبر تي ڪئي وئي، جنهن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا، پهرين آڪٽوبر تي ڪيچ ۾ دهشتگردن جي ٿاڪ تي ڪارروائي دوران ٽن دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ٻنهي آپريشنن ۾ وڏي مقدار ۾هٿيار، بارود ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي، ماريل دهشتگرد دهشگردي جي مختلف ڪاررواين ۾ ملوث هئا………………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.7 ° C
31.7 °
31.7 °
21%
2.8m/s
0%
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون