تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

بلوچستان ۾ پاڪ-افغان سرحد ويجهو سيڪيورٽي فورسز جو ڪامياب آپريشن، 4 دهشتگرد گرفتار

- Advertisement -
بلوچستان ۾ پاڪ افغان سرحد ويجهو سڪيورٽي فورسز جو ڪامياب آپريشن ڪندي چئن اهم دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته دهشتگرد واقعن ۾ افغان دهشتگردن جي ملوث هئڻ ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي ۽ افغانستان مان پاڪستان ۾ دراندازي جا وڌيڪ ثبوت سامهون اچي ويا آهن. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف دهشتگرد تنظيمن کي افغان طالبان جي مڪمل حمايت، مددگاري ۽ سرپرستي حاصل آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب، 5 مارچ 2025ع تي بلوچستان ۾ پاڪ افغان بارڊ ويجهو ٽوبا ڪاڪڙي واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ڪامياب آپريشن ڪري چئن اهم دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگردن وٽان ڪلاشنڪوفون، دستي بم ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، دهشتگردن وڏي ڪارروائي جي رٿابندي جو اعتراف ڪيو آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب، گرفتار دهشتگرد اعترافي بيان ۾ چيو ته سندس نالو اسام الدين آهي، والد جو نالو گلشاد آهي، هو افغانستان مان آيو آهي. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد اسام الدين چيو ته سندن نظريو سندن ٽريننگ آهي، هن وٽ 2 بندوقون، 2 ڪلاشنڪوفون، هڪ گرنيڊ ۽ ٻيا هٿيار موجود هئا. سڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگرد اسام الدين چيو ته هو افغانستان مان 3 ڏينهن اڳ پاڪستان ۾ داخل ٿيا، کين اڳتي پشين وڃڻو هو. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن خلاف هن آپريشن جي ڪاميابي ۾ مقامي ماڻهن اهم ڪردار ادا ڪيو، گرفتار دهشتگردن کي وڌيڪ جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب، پهريان به ڪيترائي افغان دهشتگرد سڪيورٽي فورسز هٿان جهنم ڀيڙا ٿي چڪا آهن، مارجي ويل افغان دهشتگردن ۾ افغان صوبي باغديس جي گورنر جو پٽ بدرالدين به شامل هو. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته 28فيبروي 2025ع تي مارجي ويل افغان دهشتگرد مجيب الرحمان افغانستان جي حضرت معاذ بن جبل نيشنل ملٽري اڪيڊمي ۾ ڪمانڊر هو، مقامي ماڻهن جو دهشتگردن خلاف سڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهڻ سٺو سنوڻ آهي. دفاعي ماهرن موجب، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لهر ۾ اضافي جو بنيادي سبب افغاستان جي ڌرتي تي موجود دهشتگرد تنظيمون آهن، افغانستان دهشتگردن جو ٿاڪ بڻجي چڪو آهي، جنهن تي عالمي سطح تي فوري ڪارروائي وقت جي اهم ضرورت آهي. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان گڏ پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ اڪثر افغان شهري يا ته ماريا ويندا آهن يا گرفتار ٿيندا آهن، پاڪستان طرفان بار بار ثبوت ڏيڻ باوجود افغان عبوري حڪومت جي خاموشي اصل ۾ دهشتگردن جي حمايت آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
14 %
7.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون