بليو اڪانومي وقت جي ضرورت آهي : اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته بليو اڪانومي وقت جي ضرورت آهي، معيشيت جي بحالي لاءِ ڪوششون جاري آهن، سامونڊي معاملن بابت سڀني جو مفاد گڏيل آهي،  حڪومت مڇي مارڻ جي شعبي کي  جديد گهرجن موجب بڻائڻ لاءِ  قدم کڻي رهي آهي،  مڇي جي ٻيجاري ۽ خوراڪ جي درست طريقيڪار تحت ڪم ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ انٽرنيشنل ميري ٽائم ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ميري ٽائم افيئرز بابت سڀني جا مفاد گڏيل آهن، حڪومت مهاڻن جي شعبي کي جديد گهرجن موجب ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته سامونڊي ترقي لاءِ عالمي ڀائيواري ضروري آهي، سامونڊي معاملن ۾ جديد رجحانن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪاري لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهن. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ميري ٽائم انڊسٽري ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪندا، بليو اڪانومي سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو، بليو اڪانومي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان عالمي سامونڊي معاملن بابت تنظيم سان ڪم جاري رکندو، سامونڊي معاملن جي استحڪام لاءِ عالمي سهڪار ضروري آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته معيشيت جي بحالي لاءِ ڪوششون جاري آهن، سامونڊي معاملن بابت سڀني جو مفاد گڏيل آهي،  حڪومت مڇي مارڻ جي شعبي کي  جديد گهرجن موجب بڻائڻ لاءِ  قدم کڻي رهي آهي،  مڇي جي ٻيجاري ۽ خوراڪ جي درست طريقيڪار تحت ڪم ڪرڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
47%
2.6m/s
1%
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون