تازه ترين

بنون ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجهي معلومات جي بنياد تي آپريشن ڪندي 22 خارجي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
بنون ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجهي معلومات جي بنياد تي آپريشن ڪندي 22 خارجي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز کي خيبرپختونخوا جي ضلعي بنون ۾ ڀارتي حمايت يافته خارجي دهشتگرد ٽولي جي موجودگيءَ جو اطلاع مليو جنهن تي فورسز فوري ڪارروائي ڪندي علائقي ۾ گهيري ۾ آڻي ورتو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ 22 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگرد ڀارتي حمايتي آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي، پرڏيهي حمايتي دهشتگردن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ۽ پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين قومي ايڪشن پلان جي وفاقي ايپڪس ڪميٽي مان منظور ٿيل ويزن عزمِ استحڪام تحت پنهنجي بي رحم دهشتگردي ٽوڙ مهم پوري رفتار سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايتي دهشتگردي جي ناسور کي مڪمل طور تي ختم ڪري سگهجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
5.5 ° C
5.5 °
5.5 °
20 %
2.1kmh
0 %
اڱارو
5 °
اربع
15 °
خميس
14 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون