تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بهاولپور يونيورسٽي واري واقعي سبب اسان جو ڪنڌ شرم سان جهڪي ويو آهي: خورشيد شاهه

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته بهاولپور يونيورسٽي اسڪينڊل سبب ڪنڌ شرم سان جهڪي ويا آهن وزيراعظم طرفان شاگردن کي هڪ لک ليپ ٽاپ ڏيڻ جو اعلان ٿيو جيڪو گهٽ آهي، نوجوان نسل کي اڳتي وڌڻ لاءِ جديد تعليم حاصل ڪرڻي پوندي، چين جي ڪاميابي جو راز جديد ترين روڊن جو نيٽ ورڪ آهي.

آءِ بي اي سکر ۾ وزيراعظم يوٿ اسڪيم تحت ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته آءِ بي اي سکر هڪ مثالي ادارو ثابت ٿيو آهي، وزيراعظم ڪابينا جي صلاح مشوري سان هڪ لک ليپ ٽاپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو جيڪي سندس خيال ۾ تمام گهٽ آھن.

سندس چوڻ هو ته نوجوانن کي ڄاڻي واڻي اوندهه ۾ ڌڪيو ويو آھي، بهاولپور يونيورسٽي واري واقعي سبب سندن ڪنڌ شرم سان جهڪي ويو آھي.

وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو ته کيس ياد آھي سکر ۾ ميٽرڪ جا امتحان به نه ٿيندا هئا هو ميٽرڪ جا امتحان به شڪارپور ڏيڻ ويندا هئا، هن وقت سکر ۾ مثالي ادارا آھن جتي معياري تعليم ڏني پئي وڃي.

هن چيو ته وزير اعظم کي خاص اپيل ڪئي آھي ته سکر لاءِ 8 وڌيڪ بسون ڏيو جيڪي سکر جي مختلف يونيورسٽيز جي نياڻين کي اچڻ وڃڻ ۾ سهولت ٿئي، ڳوٺن کي شھرن سان ملائڻو آھي جيئن ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي.

وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو ته چائنا جي ڪاميابي ۽ مضبوط معيشت جو راز جديد ترين روڊن جو نيٽ ورڪ آھي، انڪري سکر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ روڊن جا ڄار وڇائي ڇڏيا آھن، انٽري ٽيسٽ جو طريقي ڪار آءِ بي اي جي ڊاڪٽر وهاب خان کان ٺھرايو هو.

سندس چوڻ هو ته آءِ بي اي ٽيسٽ سبب هاڻي مزدورن ۽ هارين جا ٻار به انجينئر توڙي ڊاڪٽر ٿين ٿا پهريان رڳو آفيسرن جا ٻار ڊاڪٽر  ۽ انجينئر ٿيندا هئا، جيڪڏهن اڳتي وڌڻو آھي ته نئين طرز جي تعيلم حاصل ڪرڻي پوندي.

وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو ته هو ڪوشش ۾ آھي ته سکر ۾ هڪ وڌيڪ يونيورسٽي قائم ڪرائي جيڪا سنڌ سرڪار جي سهڪار سان جلد ٿي ويندي، تمام جلد سکر ۾ ٽراما سينٽر ۽ ڪينسر جي مڪمل علاج لاءِ  اسپتال قائم ٿيندي، جيڪڏهن ملڪ کي ترقي يافته بڻائڻو آھي اڳتي وڌڻو پوندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
31 %
3.2kmh
98 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون