پاڪستان بيلسٽڪ ميزائل پروگرام بابت آمريڪي پابندين کي تعصباڻو قرار ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته بيلسٽڪ ميزائل پروگرام بابت آمريڪي پابنديون تعصباڻيون ۽ سياسي آهن، ماضي ۾ به رڳو شڪ جي بنياد تي واپاري ادارن جون لسٽون ٺاهيون ويون.
آمريڪي قدمن جي ردعمل ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان پنهنجي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي آمريڪي فيصلي کي تعصباڻو ۽ سياسي قرار ڏنو آهي.
سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ به شڪ جي بنياد تي واپاري ادارن جون لسٽون ٺاهيون ويون، انهن ۾ به اهڙيون شيون شامل ڪيون ويون جيڪي ڪڏهن به ايڪسپورٽ ڪنٽرول سسٽم جي لسٽ ۾ شامل نه هيون.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اها ڳالهه سڀني کي خبر آهي ته جوهري عدم پکيڙ جي اصولن جي سخت پابندي تي عمل جي دعويٰ ڪندڙ ڪجهه ملڪن پنهنجي پسند جي رياستن لاءِ جديد فوجي ٽيڪنالاجي جي لائسنسنگ شرط ختم ڪري ڇڏيو هو.
بيلسٽڪ ميزائل پروگرام بابت آمريڪي پابنديون تعصباڻيون ۽ سياسي آهن:پرڏيهي آفيس جي ترجمان
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7
°
C
8.7
°
8.7
°
26%
1.7m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
18
°


