- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بيگناهه شهرين کي قتل ڪندڙن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، ڏوهارين کي جلد کان جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي شهر بارکان جي علائقي رِڙڪن ۾ دهشتگردن هٿان قتل ٿيل مسافرن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم چيو ته جيڪي بيگناهه شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائين ٿا انهن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، بيگناهه شهرين جي قربانين کي ڪڏهن به ضايع نه ٿيڻ ڏنو ويندو، حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سرگرم عمل آهن.
ياد رهي ته بلوچستان جي شهر بارخان جي علائقي رڙڪن ۾ هٿياربندن 7 مسافرن کي بس مان لاهي سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد کين قتل ڪري ڇڏيو هو، مارجي ويلن جو تعلق پنجاب جي مختلف شهرن سان هو.- Advertisement -
