قلندر لعل شهباز جي ميلي جون آخري ڏھاڙي واريون تقريبون جاري

- Advertisement -
قلندر لعل شهباز جي ميلي جون آخري ڏھاڙي واريون تقريبون جاري آهن، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙچ مان پھتل پانڌيئڙن پاران درگاھ تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙھي من جون مرادون حاصل ڪرڻ لاءِ دعائون گهريون پيون وڃن. ميلي جي آخري ڏھاڙي جي رسمن ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ قلندر لعل شهباز جي درگاھ تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ميلي جي آخري رسم ۾ شرڪت ڪندو. آخري ڏھاڙي تي شھباز ميلا گرائونڊ ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ملھه جافائنل مقابلا ٿيندا، جنهن ۾ ڪامياب ملھه پھلوانن کي شھباز ايوارڊ ۽ شيلڊون توڙي روڪ انعام پڻ ڏنا ويندا. رات جي وقت شھباز آڊيٽوريم هال ۾ راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي ويندي، جنھن ۾ صنم ماروي، منظور سخيراڻي، شمن علي ميرالي، شفيع فقير، تاج مستاني فائزہ علي، ضامن علي ۽ ٻيا راڳي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندا آخر ۾ فنڪارن کي شھباز ايوارڊ ڏنو ويندو .
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
43%
1m/s
0%
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
25 °

تازه ترين خبرون