بيگناهه شهرين کي قتل ڪندڙن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بيگناهه شهرين کي قتل ڪندڙن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، ڏوهارين کي جلد کان جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي شهر بارکان جي علائقي رِڙڪن ۾ دهشتگردن هٿان قتل ٿيل مسافرن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته جيڪي بيگناهه شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائين ٿا انهن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي،  بيگناهه شهرين جي قربانين کي ڪڏهن به ضايع نه ٿيڻ ڏنو ويندو، حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سرگرم عمل آهن. ياد رهي ته بلوچستان جي شهر بارخان جي علائقي رڙڪن ۾ هٿياربندن 7 مسافرن کي بس مان لاهي سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد کين قتل ڪري ڇڏيو هو، مارجي ويلن جو تعلق پنجاب جي مختلف شهرن سان هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
15%
1.3m/s
4%
سُومر
18 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون