- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف، تحريڪ انصاف باني خلاف فوجي عدالت ۾ ٽرائل جو اشارو ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني خلاف شاهديون فوجي ٽرائل طرف وڃي رهيون آهن، ڏينهون ڏينهن شيون واضح ٿي رهيون آهن ته تحريڪ انصاف باني جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿيندو، اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ، پي ٽي آءِ باني خلاف سلطاني شاهد ٿي سگهي ٿو.
هڪ انٽرويو ۾ خواجا آصف چيو ته فوجي عدالت ۾ پهريان به ٽرائل ٿيندا رهيا آهن، اڳتي به ٿيندا رهندا، ملٽري قانون تحت ماڻهن جو ٽرائل ڪري سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني خلاف شاهديون فوجي ٽرائل طرف وڃي رهيون آهن، ڏينهون ڏينهن شيون واضح ٿي رهيون آهن ته تحريڪ انصاف باني جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿيندو.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته تحريڪ انصاف باني بابت جاچ راز ۾ آهي، سندس پهچ ناهي، سوال اهو آهي ته پي ٽي آءِ باني فوجي ٿاڪن تي مظاهرا ڇو ڪرايا، جنهن شهر ۾ مظاهرا ٿيا، فوج کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، مظاهرن بابت لازمي طور تحريڪ انصاف باني جون هدايتون هيون.
هن چيو ته اقتدار وڃائڻ جو جيترو افسوس تحريڪ انصاف باني کي هو، اوترو ئي اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ کي به هو، اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ، آرمي چيف بڻجڻ چاهي پيو، لسٽ ۾ سندس نالو هو، ان سلسلي ۾ هن مسلم ليگ نون جي قيادت سان به رابط ڪيو.
بچاءَ واري وزير چيو ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ن ليگ کي خاطري ڪرائي ته اوهان آرمي چيف بڻجڻ جي حمايت ڪريو ته هو وفاداري سان ساٿ نڀائيندو، هن ان سلسلي ۾ ڪجهه ضمانتون به ڏنيون.
خواجا آصف چيو ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پي ٽي آءِ باني سان ويجهڙائي رهي آهي، اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ گرفتار ٿيو آهي ته تحريڪ انصاف باني جا داستان ٻڌائيندو هوندو، اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ، پي ٽي آءِ باني خلاف سلطاني شاهد ٿي سگهي ٿو.- Advertisement -
