تازه ترين

بڊاڻي مان اغوا ٿيل ٽن مغوين کي پوليس پاران ڪشمور جي ڪچي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

بڊاڻي مان اغوا ٿيل ٽن ڄڻن کي پوليس ڪشمور جي ڪچي واري علائقي مان  بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪئي آهي.

ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ آهي ته دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين سان مقابلي کانپوءِ مکي جڳديش ڪمار سندس پوٽي جئديپ  ۽ ڊاڪٽر منير نائچ کي بازياب ڪرايو ويو آهي.

ايس ايس پي موجب، ڌاڙيل مغوين کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ  منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس پهچي مقابلو ڪيو.

ايس ايس پي امجد شيخ وڌيڪ ٻڌايو گهيرو تنگ ڏسي ڏوهاري ٽنهي مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا.

پوليس مغوي جڳديش ڪمار ۽ جئديپ کي بازياب ڪرائڻ کانپوءِ ڪشمور جي پنچائت هال پهچايو .

هوڏانهن مغوي مکي جڳديش ڪمار  ۽ جئديپ جي بازياب ٿيڻ جي خبر ٻڌڻ تي هندو برادري ۾ خوشي جي لهر ڇائنچي وئي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.9 ° C
33.9 °
33.9 °
20 %
2kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون