- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا روزاني اين آر او لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن، تحريڪ انصاف اسٽيبلشمينٽ کان رليف حاصل ڪرڻ جي خواهشمند آهي، 9 مئي واقعي جو احتساب ٿيڻ تائين ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته هي چوندا هئا ته هو اين آر او نه وٺندا، رئوف حسن روزانو منٿون ڪري رهيو آ هي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف وارا سياسي پارٽين سان ڳالهيون نٿا چاهن، هي اسٽبلشمنيٽ سان ڳالهيون چاهن ٿا، پهريان هي فيصلو ڪن ٿا ڳالهائڻو ڪنهن سان آهي؟
خواجه آصف چيو ته هو واضح ٿو ڪري ته 9 مئي واقعي جو احتساب ٿيڻ تائين ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون.- Advertisement -
