- Advertisement -
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته تحريڪ انصاف باني کي پنهنجي ذات کان ٻاهر نڪري ملڪ لاءِ سوچڻ گهرجي، ڏڦيڙ جي سياست ڪڏهن هن ملڪ جي خدمت ناهي ڪئي، سياسي معاملن کي سياسي طريقي سان حل ڪيو ويندو آهي، جيڪا ڏڦيڙ جي ڪيفيت پيدا ڪرڻ چاهن ٿا اها ڪندا رهن، هو پارليامينٽ ذريعي ڪم ڪندا.
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ گرلز اسڪول گزري جي پولنگ اسٽيشن تي پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪيو.
يوسي 13 جي چيئرمين لاءِ پ پ اميدوار ڪرام الله وقاضي به مرتضيٰ وهاب سان گڏ هو.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب جي ميڊيا سان ڳالهيون دوران تحريڪ انصاف پاران احتجاج ڪيو ويو.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب جي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تحريڪ انصاف باني کي پنهنجي ذات کان ٻاهر نڪري ملڪ لاءِ سوچڻ گهرجي، ڏڦيڙ جي سياست ڪڏهن هن ملڪ جي خدمت ناهي ڪئي.
سندس چوڻ هو ته سياسي معاملن کي سياسي طريقي سان حل ڪيو ويندو آهي، جيڪا ڏڦيڙ جي ڪيفيت پيدا ڪرڻ چاهن ٿا اها ڪندا رهن، هو پارليامينٽ ذريعي ڪم ڪندا.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڀڃڊاهه ڪرڻ سان مسئلا حل ناهن ٿيندا، پارليامينٽ ئي مسئلن جي حل جو ذريعو آهي…………- Advertisement -
