- Advertisement -
تحريڪ انصاف جي خط باوجود آءِ ايم ايف پاڪستان مشن موڪلڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جيولي ڪوزيڪ چيو آهي ته ٻئي اقتصادي جائزي لاءِ پنهنجو مشن موڪلڻ لاءِ تيار آهن، موجوده اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ اپريل 2024 ۾ ختم ٿي رهيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آءِ ايم ايف نئين پاڪستاني حڪومت سان پاليسين تي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪابينا ٺهڻ کانپوءِ ٻئين معاشي جائزي لاءِ مشن پاڪستان موڪليندا.
آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر جولي ڪوزڪ چيو ته پاڪستان کي اسٽينڊ بائي ارينجمينٽ تحت هڪ ڏهائي 9 بلين ڊالر مليا آهن ۽ موجوده اسٽينڊنگ انتظامن کي مڪمل ڪرڻ پهرين ترجيح آهي.
هن چيو ته هو نئين حڪومت سان پاليسين تي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهن ۽ موجوده اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ اپريل ۾ ختم ٿي رهيو آهي، نگران حڪومت معاشي استحڪام برقرار رکيو ۽ نگران حڪومت ۾ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت مانيٽري پاليسي برقرار رهي.
جيولي ڪوزيڪ وڌيڪ چيو ته پاڪستاني اختيارين سماجي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا آهن ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ سان مالياتي هدفن تي سختي سان عمل ڪيو ويو آهي. توانائي جي شعبي ۾ ٽيرف ايڊجسٽمينٽ کي بروقت لاڳو ڪيو ويو.- Advertisement -
