- Advertisement -
تحريڪ انصاف سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
پي ٽي آءِ سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ روڪرائڻ لاءِ اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.
تحريڪ انصاف جي پنجن سينيٽرن طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئين موجب سينيٽ ميمبرن جو ٽوٽل انگ 96 آهي، جنهن ۾ سمورن صوبن کي هڪجهڙي نمائندگي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو ته سينيٽ ۾ خيبرپختونخوا مان 23 ميمبرن جو انگ پورو ناهي، اليڪشن ڪميشن ڪي پي ۾ سينيٽ چونڊ ملتوي ڪئي آهي، چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ايوان جي ميمبرن جو انگ مڪمل ٿيڻ تائين ملتوي ڪئي وڃي.
تحريڪ انصاف سينيٽ چيئرمين جي چونڊ خلاف سيڪريٽري سينيٽ کي به درخواست ڏئي ڇڏي.
درخواست تي سينيٽر زرقا تيمور، سيف ابڙو، فلڪ ناز چترالي، فوزيه ارشد ۽ سيف الله نيازي جي صحي ٿيل آهي- Advertisement -
