پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ پروپيگنڊا پارٽي آهي، پي ٽي آءِ پروپيگنڊا لاءِ باقاعده ٽولو ٺاهيو آهي، سندن سوشل ميڊيا واهپيدار ادارن کي ڌمڪيون ڏيندا آهن، تحريڪ انصاف جي پروپيگنڊا سيل کي 500 سمون ڏنيون ويون آهن، اهي سمون خدمت خلق نه پر ڏڦيڙ لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن.
لاهور هائيڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته تحريڪ انصاف وٽ هڪ پروپيگنڊا سيل آهي، ماڻهن جي توهين ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي پروپيگنڊا سيل استعمال ٿيندي آهي.
سندس چوڻ هو ته اڄ سڀ شيون عدالت سامهون پيش ٿيون، جيڪڏهن اها عورت بي ڏوهي آهي ته سامهون اچي، سندن ڪوبه فيڪ اڪائونٽ ناهي، هوءَ چاهي ٿي ته جيڪو ساڻس ٿيو اهو ڪنهن ٻي عورت سان نه ٿئي.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته ايف آءِ اي بهتر ڪم ڪيو، چيف جسٽس صاحبه به ساراهه ڪئي، هاڻي ڪيس ۾ ليگل پروسيڊنگز شروع ٿينديون، جيڪڏهن سياسي انتقام وٺڻو هجي ها ته هوءَ عدالت نه اچي ها.
