- Advertisement -
پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان تحريڪ انصاف اڳواڻن طرفان جلسي ۾ ادارن ۽ عدليا کي ڌمڪيون ڏيڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڇا پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته انصاف جو نظام جلسا ۽ جٿا هلائن؟، جوابدارن کي جٿن جي مدد سان آزاد ڪرائڻ جي ڌمڪي سياسي پارٽيون نه هٿياربند ٽولا ڏيندا آهن، تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر تشدد ۽ ڏڦيڙ جي سياست کي هٿي وٺرائي رهي آهي.
تحريڪ انصاف اڳواڻن جي ڌمڪي واري تقريرن تي رد عمل ڏيندي سينيٽر شيري رحمان چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن طرفان جلسي ۾ ادارن ۽ عدليا کي ڌمڪيون ڏيڻ مذمت جوڳو عمل آهي.
سندس چوڻ هو ته ڇا پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته انصاف جو نظام جلسا ۽ جٿا هلائن؟، جوابدارن کي جٿن جي مدد سان آزاد ڪرائڻ جي ڌمڪي سياسي پارٽيون نه هٿياربند ٽولا ڏيندا آهن.
پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو ته تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر تشدد ۽ ڏڦيڙ جي سياست کي هٿي وٺرائي رهي آهي، پي ٽي آءِ اڄ تائين 9 مئي مان ناهي سگهي.
هن چيو ته ڇا هاڻي به تحريڪ انصاف کي لڳي ٿو ته ڌمڪين، تشدد ۽ ڏڦيڙ جي سياست ۾ ڪا جاءِ آهي؟.
پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو ته سندن قيادت به جيل ڪاٽيو آهي، هنن ڪڏهن اها ڌمڪي ناهي ڏني ته هو جٿن ۽ تشدد جي مدد سان پنهنجي قيادت کي آزاد ڪرائيندا، ادارن ڳالهين کان انڪار ڪيو ته هي ڌمڪين تي لهي آيا آهن.- Advertisement -
