- Advertisement -
مسلم ليگ ن اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جو مستقبل وڏ وزارت کان اڊيالا جيل نظر اچي رهيو آهي، سڄي ملڪ مان ماڻهو ڪڍڻ جي ڳالهه ڪندڙ اسلام آباد جو هڪ ميدان به ڀري نه سگهيا آهن، قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جو حق آهي، سياسي استحڪام لاءِ قانونسازي ضرور ڪئي ويندي.
جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ طلال چوڌري چيو ته جيڪي پيسا عوام جي ڀلائي تي خرچ ٿيڻ گهرجي اهي جلسن ۽ اسلام آباد تي چڙهائي تي خرچ ڪيا ويا، تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ ڀڀڪين کانسواءِ ڪجهه ناهي.
سندس چوڻ هو ته گذريل ڇهن مهينن کان جنهن جو گوڙ هو، اهو ڪالهه ختم ٿيو، جلسا ڪندا، سڄو ملڪ نڪرندو، هر شهر گهٽي مان ماڻهو نڪرندا پر ڪالهه اسلام آباد جو هڪ گرائونڊ به ڀري نه سگهيا.
مسلم ليگ نون اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته علي امين گنڊاپور چئي رهيو آهي ته 15ڏينهن ۾ تحريڪ انصاف باني کي آزاد ڪريو، ٻي صورت ۾ هو پاڻ اچي آزاد ڪرائيندو، اهو ٿي سگهي ٿو ته 15 ڏينهن بعد علي امين گنڊاپور اڊيالا جيل ۾ اچي پر اهو نٿو ٿي سگهي ته پي ٽي آءِ باني اڊيالا جيل کان پشاور وڃي.
هن چيو ته جلسي ۾ چيو ويو ته ڪابه قانون سازي ٿيندي ته تحريڪ هلائي ويندي، قانون سازي پارليامينٽ جو حق آهي.
مسلم ليگ ن اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف، معيشيت جي بهتري، ڏڦيڙ جي خاتمي ۽ سياسي استحڪام خاطر قانون سازي ٿيندي، هي ڀڀڪيون اڄ جون ناهن جڏهن کان تحريڪ انصاف باني سياست ۾ آيو آهي تڌهن کان ٻڌي رهيا آهيون.- Advertisement -
