ترقي جو سفر جتي بند ٿيو اتان ئي شروع ڪيو ويندو : نواز شريف

- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته  ترقي جو سفر جتي بند ٿيو اتان ئي شروع ڪيو ويندو، معاشي بحران ختم ڪري ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻايو ويندو، مسلم ليگ ن ڪارڪن عام چونڊن جي ڀرپور تياري ڪن. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون جو دورو ڪيو. ڏيهه واپسي بعد نواز شريف جو مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ اهو پهريون ڏينهن آهي. مرڪزي سيڪريٽريٽ پهچڻ تي پارٽي صدر شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ نواز شريف جو آڌرڀاءُ ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پارٽي جي سينيئر اڳواڻن خواجا محمد آصف، احسن اقبال، اسحاق ڊار، مريم اورنگزيب ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪي صورتحال ۽ پارٽي جي مستقبل جي سياسي سرگرمين بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ترقي جو سفر جتي بند ٿيو اتان ئي شروع ڪيو ويندو، معاشي بحران ختم ڪري ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻايو ويندو، مسلم ليگ ن ڪارڪن عام چونڊن جي ڀرپور تياري ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
23%
2.4m/s
0%
اربع
25 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون