ترميمي بل جي ڪاميابي ۾ مولانا فضل الرحمان جو ڪردار اهم رهيو : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته اپوزيشن ڪاري نانگ جي ڳالهه ڪري ٿي اهو ڪارو نانگ افتخار چوڌريءَ جي عدالت هئي جتي چونڊيل وزيراعظم کي گهر موڪليو ويندو هو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ترميمي بل جي ڪاميابي ۾ مولانا فضل الرحمان جو ڪردار اهم رهيو، آصف علي زرداري کانپوءِ مولانا فضل الرحمان جي سياست جو پوئلڳ آهي، افسوس آهي ته سياسي پولرائزيشن عروج تي آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم ذريعي آئين مان آمر جا سمورا ڪارا قانون ختم ڪيا ويا، اڃا به ڪوشش آهي ته جيترو ٿي سگهي اتفاق راءِ پيدا ڪجي، اها ترميم سياسي پارٽين ۽ جمهوريت جي فتح آهي. پ پ چيئرمين چيو ته تحريڪ انصاف ترميم جي حق ۾ ووٽ نه به ڏئي ته اها ان جي سياسي ڪاميابي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئيني عدالت ٺاهڻ چارٽر آف ڊيموڪريسي جو حصو هو، هنن آئيني ترميم ۾ ڪا به تڪڙ نه هئي، آئيني عدالت هجي يا آئيني بئنچ، عوام جو ڪم ٿيڻ وڃي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
39%
3.2m/s
8%
اڱارو
26 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون