تازه ترين

ترڪيه ۾ پارليامينٽ جي عمارت سامهون ڌماڪي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار زخمي

- Advertisement -
ترڪيه ۾ پارليامينٽ جي عمارت سامهون ڌماڪي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا ۽ سڪيورٽي فورسز جو علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، ترڪيه جي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ڌماڪو دهشتگرد حملو آهي،  هڪ آپگهاتي بمبار سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ مارجي ويو ۽ هڪ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو آهي، آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن. ترڪيه جي گادي واري شهر انقره ۾ پارليامينٽ جي عمارت سامهون ڌماڪو ٿيو ۽ فائرنگ جا آواز ٻڌا ويا. ڌماڪي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا ۽ سڪيورٽي فورسز جو علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو ادارن جي رپورٽ موجب، ترڪ گهرو وزارت ڌماڪي جي تصديق ڪندي چيو ته پارليامينٽ ويجهو ڌماڪو دهشتگرد حملو هو جنهن ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. گهرو معاملن واري وزير علي يرلي ڪايا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ چيو ته ٻه دهشتگرد صبح ساڍي نائين وڳي گاڏي ۾ سوار ٿي ڪري آيا جن مان هڪ دهشتگرد پاڻ کي گهرو وزارت جي عمارت ٻاهران ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته هڪ دهشتگرد فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا جڏهن ته سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ ٻيو دهشتگرد مارجي ويو. گهرو معاملن واري وزير علي يرلي ڪايا چيو ته هو پنهنجي زخمي هيروز جي جلد صحياتي لاءِ دعاگو آهي، سندن جدوجهد ان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
26 %
2.9kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون