تنگواڻي مان استاد مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي، وارثن استاد جي اغوا ٿيڻ جو اطلاع پوليس کي ڏئي ڇڏيو آهي.
ميراڻي پاڙي جو رهواسي استاد آصف ميراڻي مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي.
وارثن استاد جي اغوا ٿيڻ جو اطلاع پوليس کي ڏئي ڇڏيو آهي.
وارثن جو چوڻ آهي ته ڏوهارين استاد آصف ميراڻي کي اغوا ڪري ويا آهن.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي مغوي کي بازياب ڪرائي وارثن ۾ ڇائنيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.
