- Advertisement -
چيني پرڏيهي وزير وانگ اِي هڪ ڀيرو ٻيهر تهران ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ايران کي چين جي حمايت جي خاطري ڪرائي آهي.
ايران جي وقتي پرڏيهي وزير علي باقري سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيني پرڏيهي وزير چيو ته تهران ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جو قتل ايران جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي.
چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين ايران جي خودمختياري، سلامتي ۽ قومي وقار جي حمايت ڪري ٿو.
هن چيو ته حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جو قتل علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي، اسماعيل هنيه جي قتل سان غزه ۾ جنگ بندي ڳالهين کي به سڌو سنئون نقصان پهتو آهي.- Advertisement -
